حيوانن جي حقن جي تحريڪ

حيوانن جي حقن جي تحريڪ (Animal Rights Movement): جانورن تي ظلم ڪرڻ ۽ انهن تي بار ڍوئڻ جي خلاف مختلف ملڪن اندر ڪيترين ئي تنظيمن پاران هن قسم جي مهم هلائجي چڪي آهي. هيءَ تحريڪ خاص ڪري 1970ع جي ڏهاڪي دوران سڌريل ملڪن ۾ اڀري، جنهن جو مقصد جانورن کي بنيادي حق ڏيارڻ هو. هن تحريڪ جي عمل جو دائرو خاص ڪري جانورن جا باغ، جانورن تي تحقيق ڪندڙ مرڪزن ۾ جانورن جي صحيح سنڀال لهڻ متعلق ڄاڻ حاصل ڪرڻ هو. هن تحريڪ جي نتيجي ۾ ئي يورپ جي اندر جانورن کي به حق حاصل ٿيا. مختلف ملڪن اندر جانورن جي سنڀال ۽ بچاءَ جا کاتا کليا. پاڪستان به ان قسم جو کاتو وائيلڊ لائيف جي نالي سان قائم آهي، پر ان جي باوجود هتي يورپ جي ڀيٽ ۾ جانورن کي ڪي به حق حاصل نه آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو